راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته ڪنهن به جارحيت ۽ اڳرائي جي صورت ۾ پنهنجي وطن جو ڀرپور بچاءُ ڪيو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا جي صدارت هيٺ ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ٿي، جنهن ۾ جيو اسٽريٽيجڪ صورتحال، خطي ۾ پاڪ – ڀارت ڇڪتاڻ کانپوءِ جي صورتحال جو جائزو ورتو ويو ۽ وطن خلاف ڪنهن به قسم جي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ ايل او سي تي ڀارتي فورسز طرفان شهرين کي نشانو بڻائڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ وڌندڙ ڀارتي ظلمن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ويو ته ڀارتي فورسز طرفان لائن آف ڪنٽرول تي شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ جو سلسلو جاري آهي، خطي جي امن لاءِ شهري آبادي کي نشانو بڻائڻ وارو عمل روڪڻ ضروري آهي، جڏهن ته ڀارت ايل او سي تي شهري آبادي کي ڄاڻي واڻي نشانو بڻائي رڳو باهه ڀڙڪائي رهيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب ڪور ڪمانڊر ڪانفرنس ۾ نيشنل ايڪشن پلان 2014 جو به جائزو ورتو ويو ۽ چيو ويو ته نيشنل ايڪشن پلان تي عمل لاءِ رياستي ادارن سان سهڪار ۽ ان حوالي سان حڪومتي قدمن تي عمل ڪيو وڃي. آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا فورسز جي ڪارڪردگي ۽ حوصلي کي ساراهيو، جڏهن ته هن ڪنهن به خطري کي منهن ڏيڻ لاءِ جوانن کي تيار رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪنهن به جارحيت ۽ اڳرائي جي صورت ۾ وطن جو ڀرپور بچاءُ ڪيو وڃي، الله جي فضل ۽ ڪرم سان پاڪ فوج وطن جي بچاءَ لاءِ چوڪس ۽ تيار آهي. سندس چوڻ هو ته طاقت جو استعمال رڳو رياست جو حق رهندو، پاڪستان امن، ترقي ۽ استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي، ڪو به خطرو يا رنڊڪ ملڪ کي ترقي کان نٿي روڪي سگهي.