اسلام آباد(بيورو) نيب چيئرمين جسٽس (ر) جاويد اقبال چيو آهي ته پرڏيهه فرار ڪرپٽ ماڻهن کي قانون جي ڪٺهڙي ۾ آڻينداسين. اهڙن خيالن جو اظهار نيب چيئرمين نيب آفيسرن سان خطاب ڪندي ڪيو. سندس چوڻ
هو ته نيب ڪرپٽ ماڻهن جي وطن واپسي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. نيب چيئرمين چيو ته ڪرپشن ملڪ جي ترقي ۾ رنڊڪ آهي، نيب ڪرپشن جو خاتمو پنهجي قومي ذميواري سمجهي ٿو. هن چيو ته نيب آفيسرن جي موجب ذميواريون انجام ڏين، نيب ڪنهن دٻاءَ ۾ اچڻ کان سواءِ ڪرپٽ عنصرن جي خلاف ڪارروائي ڪري رهيو آهي. نيب چيئرمين جو چوڻ حو ته گذريل 13 مهينن ۾ 54 هزار 344 شڪايتون مليون هيون، اسڪروٽني بعد 2 هزار 125 شڪايتن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪئي وئي. نيب پڌرائي موجب ان عرصي ۾ هڪ هزار 59 انڪوارئريون ۽ 302 جاچن جي منظوري ڏني وئي.