سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت ڀرپور ڪردار ادا ڪندي: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي.  اسلام آباد ۾ وزيراعظم عمران خان سان سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل ملاقات ڪئي جنهن ۾ صوبي جي مجموعي صورتحال ۽ ڪراچي ۾ جاري ترقياتي رٿائن سميت وزيرعظم جي ٿر جي دوري ۽ علائقي جي عوام لاءِ پئڪيج تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.  سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ڪراچي ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي ٿيل اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو.  سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ملاقات ۾ وزيراعظم جو چوڻ هو ته سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندي، سنڌ جي عوام جي خوشحالي ۽ سندن مسئلن جو حل حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *