لنڊن ( م ڊ ) پرڏيهي ميڊيا پاڪستان ۾ هوائي حدن ۾ وڏي پئماني تي جاني نقصان ۽ مدرسي کي تباهه ڪرڻ وارين ڀارتي دعوائن جا پول پڌرا ڪري ڇڏيا. برطانوي نيوز ايجنسي رائٽرز ڀارتي هوائي فوج جي پاڪستان ۾ هڪ مدرسي تي ڪارروائي ۾ 350 دهشتگردن کي مارڻ واري دعويٰ کي ڪوڙو ثابت ڪري ڇڏيوآهي. رائٽرز متاثر علائقن جي هڪ سال کان اڳ ۽ حملي کانپوءِ جي سيٽلائٽ تصويرون جاري ڪيون جنهن ۾ رڳو وڻن کي ٿيندڙ نقصان ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته رهائشي عمارتون جيئن جو تيئن موجود آهن. نيوز ايجنسي وڌيڪ لکيو ته سٽيلائٽ تصوير مودي جي ڪوڙين دعوائن تي هڪ ڀيرو وري سواليا نشان لڳائي ڇڏيو آهي. ڀارتي هوائي فوج جي اڳرائي حڪمران پارٽي بي جي پي لاءِ هلندڙ سال چونڊن ۾ هاڪاري ۽ منفي ٻنهي قسمن جو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. رائٽرز پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو آهي ته ڀارتي هوائي فوج جي صلاحيت ۽ قابليت تي سوال اٿندا رهيا ته بي جي پي کي عوام کي گمراهه ڪرڻ سبب چونڊن ۾ ڌڪ لڳندو پر جيڪڏهن بي جي پي ان معاملي تي ائين ئي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪري رهي آهي ته بي جي پي کي چونڊن ۾ فائدو ٿي سگهي ٿو.