ڀارت طرفان پاڪستان جي سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي جي ڪوشش به ناڪام

ڪراچي( م ڊ ) ڀارت طرفان زميني، هوائي ڪوششن کان سامونڊي حدن جي ڀڃڪڙي جي ڪوشش به ناڪام ٿي وئي آهي. سامونڊي فوج جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني سامونڊي حدن ۾ موجود ڀارتي جنگي ٻيڙي جو پتو لڳايو ويو آهي. ترجمان موجب سامونڊي فوج اعليٰ پيشور مهارت سان هر دم چوڪس رهندي ڪاميابي سان ڀرتي ٻيڙي جو پتو لڳايو ۽ ان کي پاڪستان جي پاڻين ۾ داخل ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. ترجمان موجب سامونڊي فوج ڀارتي آبدوز کي پنهنجي موجودگي کي ڳجهو رکڻ جي هر ڪوشس کي ناڪام بڻايو ۽ سامونڊي فوج جو جديد ٽيڪنالوجي سان ليس ڀارتي ٻيڙي جو پتو لڳائڻ ڀارتي سامونڊي فوج جي ناڪامي آهي.  سامونڊي فوج جي ترجمان موجب نومبر 2016ع کانپوءِ اهو ٻيو واقعو آهي جڏهن سامونڊي فوج ڀارتي ٻيڙي جو پتو لڳايو آهي. ترجمان موجب امن قائم رکڻ جي حڪومتي پاليسي کي نظر ۾ رکندي ڀارتي ٻيڙي کي نشانو نه بڻايو ويو جيڪو پاڪستان جي امن پسندي جو ثبوت آهي، ترجمان جو چوڻ آهي ته واقعي کان سبق حاصل ڪندي ڀارتي کي به امن طرف اچڻ گهرجي، اهو اهم ڪارنامو پاڪستان نيوي جي اعليٰ صلاحيتن جو ثبوت آهي. ترجمان موجب پاڪستان جي سامونڊي سرحدن جي دفاع لاءِ سامونڊي فوج هر لمحي تيار آهي ۽ ڪنهن به اڳرائي جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت رکي ٿي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *