اسلام آباد(م ڊ) اعليٰ حڪومتي ذريعن انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان تي ميزائل حملي ۾ ناڪامي کان پوءِ ڀارت پاڪستان جي ڪجهه شهرن ۾ وڏا دهشتگرد حملا ڪرائي سگهن ٿا. ميڊيا جي پورٽن موجب اعليٰ حڪومتي ذريعن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي حڪومت وچ ۾ هن وقت تائين ڪو به سڌو رابطو ناهي ٿيو. ذريعن ٻڌايو ته ان سموري صورتحال جي باوجود پاڪستان ۽ ڀارت جي سيڪيورٽي ايجنسين جي وچ ۾ رابطو برقرار آهي ۽ اِهو رابطو 27 ۽ 28 فيبروري جي رات به ٿيو هو. رپورٽن موجب هڪ اعليٰ حڪومتي ذميواري ٻڌايو ته ڀارت راجسٿان جي ايئربيس تان پاڪستان ۾ 6 کان 7 جاين تي ميزائل حملن جو منصوبو بڻايو هو، پاڪستان کي اُن وقت منصوبي جي خبر پئجي چڪي هئي ته ان منصوبي ۾ اسرائيل ڀارت جي مدد ڪري رهيو آهي ۽ اِهو ٻنهي جو گڏيل منصوبو هو. ذريعن ٻڌايو ته پاڪستان جي سيڪيورٽي ايجنسين کي ان حملي جي وقت کان اڳ خبر پئي وئي جنهن تي ايجنسين ڀاريت ايجنسين کي خبردار ڪيو ته اسان کي توهان جي منصوبي جي خبر پئجي وئي آهي ان ڪري جيڪڏهن توهان حملو ڪندا ته اسان به تيار ويٺا آهيون، توهان جي حملي جي جيڪا شدت هوندي ته اسان جو حملو ان کان وڌيڪ سيڪڙو وڌيڪ هوندو. ذريعن موجب پاڪستان ۽ ڀارت جي ان رابطي ۾ ڪجهه عالمي اڳواڻن کي به شامل ڪيو ويو ۽ اهڙي ريت پاڪستان جي خلاف اِهو وڏو منصوبو ٽري ويو جڏهن ته پاڪستان ان کان اڳ ئي ڀارتي پائليٽ جي آزادي جو فيصلو ڪري چڪو هو. ذريعن ٻڌايو ته حڪومتي ذميوار جي موجب اطلاعن آهن ته ڀارت طرفان هڪ ميزائل حملي جو به منصوبو بڻايو ويو هو هي منصوبو ناڪام ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان طرفان ڪنهن ٽئين ملڪ پاران ڀارت کي پيغام ڏنو ويو ته پاڪستان تي حملو ڪيو ويو ته ان جو ڀرپور طريقي سان جواب ڏينداسين. ذريعن موجب هن وقت پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ان سطح جي ناهي جيڪا گذريل ڏينهن هئي پر هن وقت پاڪستان جي حڪومت، هٿياربند فوجون ۽ ايجنسيون خبردار آهن، ڀارتي پائليٽ جي آزادي سان صورتحال تبديل ٿي آهي ۽ پاڪستان کي انٽرنيشنل سطح تي سفارتي سهڪار حاصل ٿي چڪو آهي. ذريعن ٻڌايو ته ان سموري صورتحال ۾ پهرين سعودي عرب، ترڪي ۽ آمريڪا جو اهم ڪردار هو پر ان ڇڪتاڻ کي گهٽ ڪرڻ ۾ برطانوي وزير اعظم گذريل هڪ ٻن ڏينهن ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، پاڪستان جي دوست ملڪن ۽ عالمي اڳواڻن پاڪستان سان ڀارت جي ڇڪتاڻ گهٽ ڪرڻ جو چئي رهيا آهن پر پاڪستان هنن کي چيو آهي ته اسان پنهنجي عمل مان ثابت ڪيو آهي ته اسان امن چاهيون ٿا، اسان پائليٽ کي آزاد ڪري ان جو ثبوت ڏنو، هاڻ مودي حڪومت کي به عملي قدم کڻڻ گهرجن جنهن مان خبر پئي ته ڀارت به پاڪستان سان امن چاهي ٿو. حڪومتي ذريعن ٻڌايو ته ظاهري طور ايل او سي تي ڇڪتاڻ گهٽ ٿي آهي پر پاڪستان جا ڪجهه شهر دشمن جي هدف تي آهن، ٿي سگهي ٿو ته هاڻ هو انٽرنيشنل بارڊر ڪراس نه ڪن پر ڪو دهشتگرد حملو ڪرائي سگهن ٿا، ڀارت ڪجهه شهرن ۾ دهشتگرد حملا ڪرائڻ چاهي ٿو جنهن جو پاڪستان طرفان دوست ملڪن ۽ عالمي طاقتن کي به اطلاع ڏنو آهي.