اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد کي ماڊل سٽي بڻائڻ لاءِ علي اعواڻ کي تڪڙا قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته انتظاميا مستقبل جي ضرورتن موجب رٿابندي ڪري، ماسٽر پلان ۾ تبديلي ۽ ترقياتي منصوبن جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان سان اسلام آباد جي قومي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ ناڻي وارو وزير، صحت جو وزير، خاص مددگار علي نواز اعواڻ ۽ راجا خرم نواز، جڏهن ته خاص مددگار نعيم الحق ۽ ڪمشنر اسلام آباد شرڪت ڪئي، اسلام آباد جي ماسٽر پلان جي تبديلي لاءِ قائم ڪميشن جي ڪارڪردگي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم چيو ته اسلام آباد دنيا جي خوبصورت شهرن مان هڪ آهي، هن چيو ته اسلام آباد جي سونهن وڌائڻ سميت ترقياتي منصوبن جي رفتار تيز ڪئي وڃي، وزيراعظم چيو ته مڪاني ماڻهن کي صحت ۽ تعليم جون سهولتون فراهم ڪرڻيون پونديون، وزيراعظم، وزيراعظم جي اسلام آباد کي ماڊل سٽي بڻائڻ لاءِ علي اعواڻ کي قدم تيز ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته انتظاميا مستقبل جي ضرورتن موجب رٿابندي ڪري، علي اعواڻ ٻڌايو ته ماسٽر پلان جي تبديلي تي ڪم تيزي سان ٿي رهيو آهي، شهر جو موجوده سرشتو تبديل ڪيو پيو وڃي، علي اعواڻ سي ڊي اي جي ڪارڪردگي کان به وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، هن چيو ته تعليم ۽ صحت لاءِ نوان ادارا قائم ڪرڻ اسان جي ترجيحن ۾ شامل آهي، وزيراعظم هدايت ڪئي ته بي پهچ ٻارن کي تعليمي اداران ۾ داخل ڪرايو وڃي.