پٽنا ( م ڊ ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته بالاڪوٽ حملي جو ثبوت گهرڻ فوج جو مورال ڊائون ڪرڻ آهي. مخالف ڌر جا اڳواڻ منهنجي مخالفت ڪندي ڪندي وطن جي مخالفت تي لهي آيا آهن. ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي پٽنا ۾ چونڊ ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته اڄڪلهه چوڪيدار کي سٺو خراب چوڻ جو مقابلو هلي رهيو آهي پر ڀارتي عوام کي ٻڌائيندس ته سندن هي چوڪيدار پوري طرح الرٽ آهي. ملڪ تي ميري اک رکندڙ اڳيان اوهان جو چوڪيدار ۽ فوج ڀت بڻجي بيٺا آهن. نريندر مودي چيو ته اسان جي فوج جي حوصلن کي بلند ڪرڻ بدران ڀارت اندر موجود ماڻهو اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيا آهنته پاڪستان ۾ خوشيون ملهايو پيون وڃن، اهڙيون ڳالهيون ڪرڻ صحيح ناهي. ڪانگريس طرفان بالاڪوٽ حملي جو ثبوت گهرڻ تي ڀارتي وزيراعظم جو چوڻ هوته سرجيڪل اسٽرائيڪ جو ثبوت گهري فوجين جو مورال گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اسان جي فوج ملڪ اندروني ۽ ٻاهرين دشمنن سان وڙهي رهيا آهي ۽ اسان پنهنجي جوانن جي قربانين تي چپ ڪري نه ويهنداسين. ڀارتي وزيراعظم چيو ته اسلامي ڪائونسل ۾ ڀارت کي 50 سالن کانپوءِ گهرايو ويو آهي ۽ ڀارت جون ڳالهيون ٻڌي اسان کي موٽ ڏني وئي آهي. ڀارتي آواز کي ٻين اڳيان اٿارڻ تي ڪو به نٿو روڪي سگهي. هن چيو ته سعودي شهزادي محمد بن سلمان جي ڀارت جي دوري دوران حج ڪوٽا وڌائڻ جي درخواست ڪئي وئي هئي جنهن تي سعودي عرب ٻه لک حاجين جو ڪوٽا وڌائي ڇڏي هي ۽ ائين رڳو ڀارت ۾ ئي ٿيو آهي. ڀارتي وزيراعظم چيوته سعودي عرب ۾ قيد ڀارتي پورهيتن جي آزادي جو حڪم ڏيڻ تي سعودي شهزادي جو ٿورائتو آهيان.