سرينگر ( م ڊ ) والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج سرچ آپريشن جي نالي تي ٻن ڪشميري نوجوانن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته ڀارتي فوج جا پنج اهلڪار پڻ مارجي ويا آهن. ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب والاريل ڪشمير جي ضلعي ڪپواڙا ۾ ٽن ڏينهن کان جاري سرچ آپريشن ۾ ڀارتي فوج ٻن ڪشميري نوجوان کي شهيد ڪري ڇڏيو جڏهن تي ان دوران ڀارتي فوج جا ٽي نوجوان ۽ ڪشميري پوليس جا ٻه اهلڪار به مارجي ويا آهن. ڪپواڙا ضلعي جي علائقي هندواڙا ۾ سرچ آپريشن جي پهرين ڏينهن به ٻه ڪشميري نوجوان شهيد ٿيا هئا. هندواڙا ۾ انٽرنيٽ سروس ۽ موبائيل فون سروس بند ڪئي وئي آهي جڏهن ته داخلي ۽ خارجي رستن تي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي. ٻئي پاسي لائن آف ڪنٽرول تي ڀارتي اڳرائي جو سلسلو جاري آهي ۽ جنگي جنون ۾ ورتل ڀارتي فوج جي بنا سبب فائرنگ ۾ معصوم مقامي نشانو بڻجي رهيا آهن ۽ ڪيئي سيڪٽرن ۾ مقامي ماڻهو لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.