اسلام آباد ( بيورو) پاڪستان ڀارتي پائلٽ اڀي نندن کي ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ڀارتي پائلٽ کي واهگا سرحد تي ڀارتي هاءِ ڪميشن اختيارين حوالي ڪيو پيو وڃي. سفارتي ذريعن موجب پرڏيهي آفيس پائلٽ حوالگي بابت باضابطا طور آگاهه ڪيو ويو آهي.سفارتي ذريعن موجب ڀارتي ايئر اتاشي گروپ ڪئپٽن جي ٽي ڪرين اڀي نندن جا سفري دستاويز کڻي لاهور پهتو. ڀارتي پائلٽ اڀي نندن کي سخت سڪيورٽي ۾ واهگا بارڊر تي پهچايو ويو ۽ سخت سڪيورٽي بعد کيس ڀارتي اختيارين حوالي ڪيو ويو. وزيراعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ڀارتي پائلٽ کي خير سگالي جي جذبي تحت آزاد ڪيو پيو وڃي، پاڪستان جي امن لاءِ ڪيل ڪوششن کي ڪمزوري نه سمجهڻ گهرجي، پاڪ فوج قوم ۽ وطن جو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿي.