ڀارت وٽ جيش محمد جي سربراهه جي خلاف ثبوت آهن ته فراهم ڪري: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته جيڪڏهن ڀارت وٽ پلواما حملي ۾ جيش محمد جي سربراهه مسعود اظهر جي ملوث بابت پڪا ثبوت آهن ته اهو پاڪستان کي فراهم ڪري ته جيئن پاڪستان جو عوام ۽ عدليا کي اعتماد ۾ وٺي سگهجي، آمريڪي خابرو اداري کي خاص انٽرويو ۾ هن چيو ته ڀارتي حڪومت کي پيغام ڏيان ٿو ته هيءَ نئين حڪومت جنهن جي نئين سوچ آهي، اسان امن چاهيون ٿا، اسان جو اينجنڊا عوام جي ترقي آهي، هن چيو ته اسان معيشت تي ڌيان ڏيڻ چاهيون ٿا، اسان ڪرپشن جي پاڙ پٽي حڪمراني واري طور طريقي کي بهتر ڪرڻ چاهيون ٿا ڇو ته اسان کي ان ئي ڪري ووٽ مليو آهي، پرڏيهي وزير چيو ته اسان پاڪستان ۽ خطي ۾ امن چاهيون ٿا، اسان اولهندي سرحد تي مصروف آهيون، اسان اڀرندي پڙ تي جارحيت ۽ اڳرائي نٿا چاهيون، هن چيو ته اسان جي حڪومت جي پاليسي آهي ته ڀارت سميت ڪنهن به ملڪ خلاف ڪنهن به تنظيم يا فرد کي پنهنجي سرزمين دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، شاهه محمود قريشي کان سوال ڪيو ويو ته ڀارت جيش محمد جي سربراهه جو نالو عالمي دهشتگردن جي لسٽ ۾ شامل ڪرڻ جو خواهشمند آهي ان بابت ته ڇا ٿا سوچيو، پاڪستاني پرڏيهي وزير جواب ڏيندي چيو ته اسان ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ هر قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، جيڪڏهن هن وٽ پڪا ثبوت آهن ته اسان سان ڳالهيون شروع ڪري. مسعود اظهر پاڪستان ۾ آهي ڇا حڪومت ان جو پيڇو ڪندي ته جواب ۾ هن چيو ته منهنجي ڄاڻ موجب اهو پاڪستان ۾ آهي، ان جي طبيعت ايتري ته خراب آهي جو هو گهر کان ٻاهر نٿو نڪري سگهي، هن ڀارت تي زور ڀريو ته اهو پاڪستان سان ثبوتن جي ڏي وٺ ڪري جيڪا پاڪستان جي عدالت ۾ قبول جوڳا هجن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *