وزيراعظم عمران خان لاءِ سڄي دنيا مان امن جي نوبل انعام جو مطالبو

اسلام آباد (اين اين آءِ) وزيراعظم عمران خان پاران ڀارتي پائيليٽ کي واپس موڪلڻ واري فيصلي ماڻهن کي ايترو ته متاثر ڪيو جو سڄي دنيا مان کيس نوبل انعام ڏيڻ لاءِ مطالبا ڪيا پيا وڃن، وزيراعظم عمران خان پاران ڀارتي پائيليٽ کي خيرسگالي جي جذبي طور واپس موڪلڻ جي اعلان کانپوءِ پاڪستان ۾ عمران خان لاءِ امن جو نوبل انعام جو هيش ٽيگ ٽوئيٽر تي ٽاپ ٽرينڊ ڪري رهيو آهي، سڄي دنيا مان ماڻهو وزيراعظم کي نوبل انعام ڏيڻ لاءِ آن لائين درخواست ڪري رهيا آهن، عمران خان لاءِ نوبل انعام جي آن لائين درخواست تي هن وقت تائين 35 هزار کان وڌيڪ ماڻهو صحيحون ڪري چڪا آهن، آمريڪي اداڪار جيرمي مڪ گيلن، عمران خان جي قدم کي ساراهيندي چيو ته اسان اوباما کان نوبل انعام واپس وٺي عمران خان کي ڏئي سگهون ٿا، عمران خان امن جي پيغام سان ڀارتين جون دليون کٽي ورتيون آهن، هڪ ڀارتي ٽوئيٽر هينڊل ذريعي عمران خان لاءِ نوبل انعام جو مطالبو ڪيو ويو ۽ لکيو ويو ته مان پهريون ڀيرو ايڏو عقلمند وزيراعظم ڏٺو آهي، محبت ۽ امن پکيڙڻ لاءِ ڀارت پاران پيار، ٿينڪيو عمران خان، ٿينڪيو پاڪستان سوشل ميڊيا تي هڪ تصوير نظر اچي رهي  آهي جيڪا سمجهائڻ لاءِ اهو ڪافي آهي ته عمران خان ڀارتين جي دل ۾ گهر ڪري ورتو آهي، تصوير ۾ ڪجهه ٻارن کي ڀارتي جهنڊو کنيل آهي جڏهن ته انهن جي هٿن ۾ پلي ڪارڊ نظر اچي رهيا آهن جن تي ٿينڪيو عمران خان لکيل آهي، ڀارتي فلمساز رام سبرا مينن چيو ته عمران خان سڄي ڀارت ۾ رهندڙ ماڻهن جون دليون کٽي ورتيون آهن ۽ اڄ عمران خان جو نالو اسان جي وزيراعظم جي نالي کان مٿي ٿي ويو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *