آرمي چيف راولپنڊي ڪور هيڊ ڪوارٽرز پھتو، آپريشنل تيارين تي بريفنگ

راولپنڊي (م ڊ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا راولپنـڊي ڪور هيڊ ڪوارٽرز جو دورو ڪيو، جتي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي پاڪ فوج جي سربراهه کي تيارين بابت آگاهي ڏني. ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل آصف غفور موجب آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا راولپنڊي ڪور هيڊ ڪوارٽرز جي دوري تي پهتو ته ڪور ڪمانڊر راولپنڊي سندس آجيان ڪئي. ان موقعي تي آرمي چيف کي ڪور ڪمانڊر راولپنڊي آپريشنل تياين تي بريفنگ ڏني. ڊي جي آءِ ايس پي آر جو چوڻ هو ته ڪور ڪمانڊر راولپنڊي پنهنجي بريفنگ ۾ آرمي چيف کي ايل او سي، ورڪنگ بائونڊري ۽ ايل اي سي تي تيارين جي حوالي سان آگاهي ڏني، جڏهن ته آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا پاڪ فوج جي تيارين تي اطمينان جو اظهار ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *