اسلام آباد ( بيورو ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت جو عمل پاڪستان خلاف جارحيت آهي ۽ پاڪستان ان جو جواب ڏيندو. اسلام آباد ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، بچاءُ واري وزير پرويز خٽڪ، ناڻي واري وزير اسد عمر موجودا صورتحال تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي.ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪيو، جنهن بعد ان حوالي سان آگاهه ڪرڻ لاءِ حاضر ٿيا آهيون. ان موقعي تي هن قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ جاري ٿيل پڌرنامو پڙهي ٻڌايو، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ويو هو ته پاڪستان مناسب وقت ۽ جاءِ ڀارتي اڳرائي جو جواب ڏيندو. شاهه محمود قريشي جو چوڻ آهي ته ڀارت جو عمل پاڪستان خلاف جارحيت آهي۽ پاڪستان ان جو جواب ڏيندو. هن چيو ته فيصلو ڪيو ويو آهي ته نيشنل ڪمانڊ اٿارٽي سميت پارليامنٽ جو گڏيل اجلاس سڀاڻي گهرايو وڃي، ان کان علاوه ٽه رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا پارلياماني اڳواڻن سان ڳالهيون ڪندي ۽ سياسي قيادت کي ان صورتحال تي اعتماد ۾ وٺندي. پرڏيهي وزير چيو ته اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو آهي ته پاڪستاني ۽ عالمي ميڊيا کي موقعي تي وٺي وڃجي، موسم جي صورتحال بهتر ٿيڻ تي کين هيلي ڪاپٽرن ۾ کڻي وڃجي ته جيئن هو پاڻ واقعي واري هنڌ تي صورتحال جو جائزو وٺي ڀارتي پروپيگنڊا کي بي نقاب ڪن. هن چيو ته صورتحال تبديل ٿي چڪي آهي، او آءِ سي جي باني ميمبرن خلاف اڳرائي ڪئي وئي آهي پر ڀارت جي مسلمانن خاص طور تي ڪشمير جي مسلمانن کي جنهن ريت نشانو بڻايو پيو وڃي اهو سڀني جي سامهون آهي. شاهه محمود قريشي چيو ته واقعو پلوامه ۾ ٿئي ٿو پر ان جو ردي عمل ڀارت جي ڏهن رياستن ۾ نظر ايندو آهي، نئين دهلي ۾ مسلمان نوجوانن تي حملي ڪيا ويندا آهن، پوني ۾ صحافي تي حملو ڪيو ويندو آهي ته ڇاڪاڻ جو سندن ڏوهه آهي ته هو مسلمان ۽ ڪشميري آهن. پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته اسان پارلياماني قيادت کي آگاهه ڪنداسين جنهن ۾ کين حقيقتن تي اعتماد ۾ وٺنداسين، پاڪستاني قوم کي باخبر رکڻ اسان جي ذميواري آهي ۽ حقيقتن کان آگاهه رکڻ اسان جو فرض آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن وڌيڪ چيو ته وزيراعظم طرفان جاري ٿيل بيان جي سموري دنيا ساراهه ڪئي، ان ۾ هڪ آڇ، عزم ۽ مسئلي جو حل به هو جڏهن ته اهو پڻ واضح هو ته جيڪڏهن پاڪستان خلاف جارحيت ڪئي وئي ته اسان پنهنجي دفاع جو حق رکون ٿا. سندس چوڻ هو ته پلوامه واقعو 14 فيبروري تي ٿئي ٿو ۽ پاڪستان جي پرڏيهي آفيس ۾ پي 5 جي اجلاس ۾ اسان ملڪن کي آگاهه ڪري چڪا هئاسين ته مودي حڪومت سياست کي نظر ۾ رکندي ڪا اهڙي حرڪت ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڀارت جي پنجن رياستن ۾ جيڪي نتيجا آيا جنهن بعد اهو تاثر آيو هو ته پنهنجي سياسي بقا لاءِ مودي سرڪار کي ڪجهه نه ڪجهه ڪرڻو آهي. ان موقعي تي بچاءُ واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ سان پڇيل سوالن تي سندس چوڻ هو ته ڀارتي جهاز 4 کان پنج ڪلو ميٽراندر آيا انهن بم اڇلايا پر اسان جي فوج الرٽ هئي. گڏوگڏ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو ته ٻه لڳي 55 منٽن تي هو داخل ٿيا ۽ اسان جو ردي عمل تي ٻه لڳي 58 منٽن تي هو واپس موٽي ويا. هڪ سوال جي جواب ۾ سندس چوڻ هو ته هي وقت هوائي فوج جي صلاحيتن سوال اٿارڻ جو ناهي، ڀارت کي ڪڏهن ۽ ڪهڙي طرح جواب ڏيڻو آهي هي پاڪستان جي قيادت جو امتحان آهي، اسان ڇڪتاڻ نٿا چاهيون پر جارحيت کي ختم ڪرڻ اسان جو حق آهي ۽ قوم مايوس نه ٿيندي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميدار ملڪ آهي ۽ اسان پاڪستان جي سرحدن جي دفاع کي سمجهون ٿا. پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته اسان جا جهاز دير سان نه پهتا، اسان تيار هئاسين، پاڪستان جي صلاحيتن کي گهٽ نه سمجهو وڃي، اسان وقت تي جواب ڏينداسين ۽ اهو سوال ته پاڪ هوائي فوج کي خبر نه هجي ها ته جواب ڪيئن ڏئي ها ۽ ڀارتي جهازن کي ڀڄائڻ تي ڪيئن مجبور ڪري ها. ڪرتاپور راهداري بابت سوال تي شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته ڪرتارپور هڪ دلي خواهش هئي، جنهن کي پاڪستان پورو ڪيو، ان ۾ هڪ امن جو پيغام هو جيڪو پاڪستان ڏنو، ڪرتارپور جا رستا اسان کولياسين ڪاش ڀارت به پنهنجي سوچ کي کولي.