برسلز(م ڊ) آزاد ڪشمير جي وزير اعظم فاروق حيدر جو چوڻ آهي ته ڀارت ڪشميرين کي غلام نٿو رکي سگهي، پاڪستان سان محبت ڪشميرين جي دلين ۾ رت بڻجي ڊوڙندي آهي، هڪ دل ٻه سر آهن. تفصيل موجب آزاد ڪشمير جي وزير اعظم فاروق حيدر برسلز ۾ ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان سان محبت ڪشميرين جي دلين ۾ رت بڻجي ڊوڙندي آهي، پاڪستان ۽ ڪشمير هڪ دل ٻه سر آهن، اسان الحاق پاڪستان جا وارث آهيون. فاروق حيدر جو چوڻ هو ته تحريڪ آزادي ڪشمير جي بهادر سپوتن کي منهنجو سلام آهي، ڪشمير جي شهيدن جون قربانيون رنگ لائينديون، پاڪستان فڪر نه ڪري ڀارتي فوج پهرين اسان ڪشميرين جو مقابلو ڪري وٺي. آزاد ڪشمير جي وزير اعظم چيو ته سرينگر ۾ سبز هلالي جهنڊو لهرائيندو رهدنو، جنگ مسئلن جو حل ناهي امن چاهيون ٿا، ڀارت ڪا مهم جوئي ڪئي ته ڀرپرو جواب ملندو. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته پاڪ فوج خطي ۾ امن جي ضمانت آهي، ڪا سازش پاڪستان کي ڪمزور نٿي ڪري سگهي هي ملڪ هميشه رهندو، ڀارت ڪشميرين کي غلام نٿو رکي سگهي.