ڪراچي(م ڊ) سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري بعد پيپلز پارٽي جي اڳواڻن حفاظتي ضمانتون ڪرائي ورتيون. نيب هٿان گرفتاري جي ڊپ کان پ پ جي اڳوڻا وزير اعجاز جکراڻي ۽ ڄام خان شورو حفاظتي ضمانتن لاءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ پهچي ويا. ڄام خان شوري نيب انڪوائريز ۾ گرفتاري کان بچڻ لاءِ درخواست داخل ڪندي چيو ته نيب هن جي خلاف مختلف انڪوائريون ڪري رهيو آهي، جڏهن ته سنڌ هاءِ ڪورٽ مان ضمانت تي آهيان پر وڌيڪ الزامن ۾ گرفتاري جو خدشو آهي. ڄام خان شوري عدالت کان درخواست ڪئي ته نيب کي وڌيڪ ڪنهن انڪوائري کان روڪيو وڃي ۽ گرفتاري کي هاءِ ڪورٽ جي اجازت سان مشروط ڪيو وڃي. اڳوڻي وفاقي وزير اعجاز حسين جکراڻي به وقت کان اڳ گرفتاري واري ضمانت داخل ڪري ڇڏي. هن تي به آمدن کان وڌيڪ اثاثا بڻائڻ جو الزام آهي. پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ ماحولياتي واري صوبائي وزير تيمور ٽالپر به درخواست داخل ڪندي چيو ته نيب هن جي اثاثن جي تفصيل طلب ڪئي آهي. عدالت درخواست جي ٻڌني بعد 5 لک رپين جي مچلڪن عيوض سندس حفاظتي منطور ڪري ورتي ۽ هن نيب کان جاچ ۾ سهڪار ڪرڻ جي هدايت ڪئي. پيپلز پارٽي جي صوبائي اسيمبلي ميمبر راجا رزاق به عدالت سان رابطو ڪري ورتو آهي جنهن تي هن جي به 10 لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ٿي وئي. ان کان سواءِ اسپيڪر آغا سراج دراني جي گرفتاري ۽ گهر تي ڇاپي خلاف سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ منظور ڪرائڻ جي لاءِ پ پ مخالف ڌر پارٽين سان رابطا تيز ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پير پاڳاري کي فون ڪيو ۽ آغا سراج دراني جي گرفتاري واري معاملي تي ڳالهيون ڪيون. پير پاڳاري سراج دراني جي گرفتاري ۽ گهر تي ڇاپي جي مذمت ڪندي چيو ته جي ڊي اي سنڌ اسيمبلي ۾ آغا سراج جي گرفتاري خلاف ٺهراءُ جي حمايت ڪندي. هوڏانهن صوبائي وزير ناصر حسين شاهه ايم ڪيو ايم ۽ جي ڊي اي جي ٻين پارليماني اڳواڻن سان رابطو ڪيو ۽ سراج دراني جي گهر تي ڇاپي جي مذمتي ٺهراءَ جي حمايت ڪرڻ جي درخواست ڪئي.