اسلام آباد (بيورو) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڀارت ۽ دنيا کي واضح ڪري ڇڏيو ته پلواما واقعي جو پاڪستان سان واسطو ناهي، پاڪ فوج کي ڀارتي جارحيت تي بنا دير ڪارروائي جو اختيار ڏنو آهي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪهڙي پاسي وڃڻ گهرج، ان ڏس ۾ اڄ اسان واضح فيصلا ڪيا آهن، واضح ڪيون ٿا ته پلواما واقعي جو پاڪستان سان ڪو واسطو ناهي. هن چيو ته والاريل ڪشمير ۾ حالتون ڀارت جي حرڪتن سبب بگڙيون آهن، ڀارتي حڪومت سڌي ريت ان جي ذميوار آهي.