اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان ڀارت کي پلواما حملي جي جاچ ۾ سهڪار جي آڇ ڪري ڇڏي. وزيراعظم عمران خان سرڪاري ٽي وي تي بيان جاري ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته جنگ شروع ڪرڻ انسان جي هٿ ۾ هوندو آهي پر ختم ڪرڻ هٿ ۾ ناهي، جيڪڏهن ڀارت سمجهي ٿو ته پاڪستان تي حملو ڪندو ته پاڪستان سوچيندو نه پر جواب ڏيندو. هن چيو ته پلواما جيڪڏهن ڀارت وٽ ڪا انٽيليجنس ڄاڻ آهي ته مٽاسٽا ڪئي وڃي، اهو پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. سندس چوڻ هو ته اسان سعودي ولي عهد جي دوري جي تيارين ۾ هئاسين ڇا ڪو بيوقوف پنهنجي ڪانفرنس کي متاثر ڪرڻ لاءِ اهڙو واقعو ڪندو؟ پاڪستان کي اهڙن واقعن سان ڪهڙو فائدو آهي، اسان استحڪام چاهيون ٿا، ڀارت کان پڇڻ چاهيان ٿو ته ڇا ماضي ۾ ئي ڦاٿل رهڻو آهي. وزيراعظم عمران خان چيو ته ڀارت والاريل ڪشمير ۾ ظلم سان ڪامياب نه ٿو ٿي سگهي، ڪشمير مسئلي تي ڀارت ۾ ڳالهين تي ڳالهيون ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته ڪشمير جا نوجوان اهڙي انتها تي پهچي چڪا آهن جو کين موت جو خوف ناهي، ڇا فوج ذريعي مسئلو حل ڪرڻو آهي جيڪو اڄ تائين نه ٿي سگهيو آهي. سندس چوڻ هو ته ڀارت سان دهشتگرديءَ جي مسئلي تي ڳالهين لاءِ تيار آهيون، دهشتگردي خطي جو وڏو اشو آهي، اسان اها ختم ڪرڻ چاهيون ٿا، ڀارت ۾ هڪ نئين سوچ اچڻ گهرجي.