اسلام آباد(بيورو) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس آصف سعيد کوسا چيو آهي ته هڪ جوابدار قمر عباس جي ڪري سڄي دنيا ۾ پاڪستانين جو پنهنجي ملڪ ۾ قيد ڪاٽڻ جو معاهدو معطل ٿي ويو هو جنهن جي ڪري ڪيترائي پاڪستاني مختلف ملڪن جي جيلن ۾ قيد ڪاٽي رهيا آهن. سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بينچ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ معاملي جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت حڪم ڏنو ته پرڏيههه ۾ قيد پاڪستانين جون پاڪستاني جيلن ۾ سزائون ڪاٽڻ جو معاهدو بحال ڪرايو وڃي. چيف جسٽس پاڪستان ريمارڪس ڏنا ته لنڊن ۾ جوابدار قمر عباس کي گرفتار ڪيو ويو پوءِ سزا پوري ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان موڪليو ويو. برٽش هاءِ ڪميشن جا ماڻهو جيل ۾ ڏسڻ آيا ته جوابدار موجود ئي نه هو. آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته پاڪستان ۾ هڪ سيڪشن آفيسر جي ڪوڙي ڪاغذ تي جوابدار جيل مان نڪري ويو. سرڪاري وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته سيڪشن آفيسر علي محمد فوت ٿي چڪو آهي. بينچ جي سربراهه پڇاڻو ڪيو ته جوابدار جي سزا ڪيتري بڻجي ٿي؟ عدالت کي ٻڌايو ويو ته جوابدار جي 11 سال سزا آهي جيڪا جولاءِ 2019ع تي پوري ٿيڻي آهي. عدالت حڪم ڏنو ته جوابدار قمر عباس قانون جي موجب پنهنجي سزا پوري ڪندو. چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جو چوڻ هو ته ڪوڙو سيڪشن فوت ٿي چڪو آهي، گهٽ ۾ گهٽ پاڪستان جو مٿطل ٿيل معاهدو ته بحال ڪرايو، ڪو پاڪستاني قيدي ٿائيلينڊ جي جيل ۾ سزا ڪاٽي رهيو آهي ته ڪو ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ آهي.
رڳو هڪ شخص جي ڪري اڄ ڪيترائي پاڪستاني عذاب ڀوڳي رهيا آهن؛چيف جسٽس
![](http://dailynawaisindh.com/wp-content/uploads/2018/05/Supreme-Court.jpg)