ڪراچي( م ڊ ) ڪي ڊي اي هائوسنگ سوسائٽي جي نالي تي غير قانوني الاٽمينٽ جي ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ نيب کي ريفرنس داخل ڪري 19 مارچ تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. سنڌ هاءِ ڪورٽ غير قانوني الاٽمينٽ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ته نيب اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته ايڊمنسٽريٽر انتظار جعفري ۽ بين ڪي ڊي اي هائوسنگ سوسائٽي جي نالي تي 43 پلاٽن جي غير قانوني الاٽمينٽ ڪري قومي ناڻي کي نقصان ڏنو. نيب اختيارين ٻڌايو ته جوابدارن خلاف ريفرنس داخل ڪرڻ لاءِ معاملو نيب هيڊ ڪوارٽر موڪليو ويو آهي، جڏهن ته ڊائريڪٽر ڪي ڊي اي اينٽي انڪروچمينٽ جميل بلوچ ۽ ٻيا بينفشري گهربل نه آهن. عدالت غير قانوني الاٽمينٽ تي نيب کي ريفرنس داخل ڪري 19 مارچ تائين رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ 296 پلاٽن جي غير قانوني الاٽمينٽ ۾ جوابدارن جي ضمانت جي درخواست تي 6 مارچ تي دليل طلب ڪري ورتا. نيب پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته فيروز بنگالي، سيڪٽر انچارج شاڪر لنگڙا ۽ ٻين چائنا ڪٽنگ ڪري 296 پلاٽ وڪرو ڪيا جنهن تي چيف جسٽس سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته لڳي ته ڪيس ۾ الاٽيز ۽ متاثرن جو وجود به نه هوندو.