سعودي ولي عهد طرفان 2107 پاڪستاني قيدين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم

اسلام آباد ( بيورو ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وزيراعظم عمران خان سان ڪيل واعدو ڪجهه ڪلاڪن ۾پورو ڪندي سعودي جيلن ۾ قيد 2107 پاڪستانين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ ناشتي تي ٿي جنهن دوران هن خوشخبري ٻڌائي ڇڏي آهي. ٻئي طرف سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري صبح سوير ٽوئٽر تي خوشخبري ٻڌائيندي ٽوئٽر تي اعلان ڪيو ته وزيراعظم عمران خان جي درخواست تي ولي عهد محمد بن سلمان فوري طور تي سعودي جيلن ۾ قيد 2107 پاڪستانين کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو آهي.  سعودي ولي عهد طرفان ڏنل پاڪستان کي هي سڀ کان وڏو تحفو قرار ڏنو پيو وڃي جنهن جي دنيا ۾ ڪو به قيمت نه ٿو لڳائي سگهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *