اسلام آباد(بيورو) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ٻن ڏينهن جي تاريخي دوري تي پاڪستان پهچي ويو. شهزادي محمد بن سلمان جي جهاز جو پاڪستاني حدن ۾ ايندي ئي شاندار استقبال ڪيو ويو ۽ هوا ۾ ئي پاڪ فوج جي ايف 16 ۽ جي ايف ٿنڊر جهازن شاهي خنادان کي پنهنجي گهيري ۾ آندو. وزير اعظم عمران خان، وفاقي ڪابينا جا ميمبر، آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه ۽ پاڪستان ۾ سعودي سفير سعودي ولي عهد جي استقبال لاءِ نور خان ايئر بيس تي موجود آهي. سعودي شاهي مهمان جي آمد جي موقعي تي سندس استقبال لاءِ اسلام آباد شهر جي مختلف روڊن تي ڀليڪار وارا بينر لڳايا ويا آهن جنهن تي استقبال ڪلما ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن تي ٻڌل ڪلما لکيل آهن. شاهي ڊاڪٽر، شاهي سيڪيورٽي، شاهي اسٽاف تي ٻڌل 235 رڪني ٽيم پهرين ئي پاڪستان پهچي چڪا آهن.