ڀارتي ميڊيا فوتي عبدالرشيد غازي کي پلواما حملي جو ماسٽر مائينڊ قرار ڏئي ڇڏيو

لاهور ( م ڊ ) ڀارتي ميڊيا غلط رپورٽنگ جو اعليٰ مثال قائم ڪندي مارجي ويل عبدالرشيد غازي کي پلواما حملي جو ماسٽر مائينڊ قرار ڏئي ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا نه رڳو کيس ماسٽر مائينڊ قرار ڏنو پر دعويٰ ڪئي آهي ته سندس ٿاڪ جو پتو به لڳايو ويو آهي ۽ ڳولا شروع ڪئي وئي آهي. عبدالرشيد غازي اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي دور ۾ لال مسجد آپريشن دوران مارجي ويو پر ڀارتي ميڊيا غلط رپورٽنگ جو اعليٰ معيار قائم ڪندي دعويٰ ڪئي ته عبدالرشيد غازي مسعود اظهر جو ويجهو ساٿي آهي ۽ پابندي مڙهيل تنظيم جو وڏو ميمبر آهي، جنهن 2008ع ۾ پابندي مڙهيل تنظيم ۾ شموليت اختيار ڪئي. ڀارتي ميڊيا اتي ئي بس نه ڪئي پر چيو ته عبدالرشيد غازي کي افغانستان ۾ طالبان تربيت ڏني پر حقيقت ته اها آهي ته عبدالرشيد غازي 2007ع ۾ لال مسجد آپريشن دوران مارجي چڪو آهي.  ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته عبدالرشيد غازي والاريل ڪشمير ۾ جيش محمد جي آپريشنز جي سربراهي ڪندو آهي ۽ ڏکڻ ڪشمير ۾ لڪل آهي، جيڪا نهايت کليل جوڳي خبر آهي جنهن سان ڀارتي حڪومت ۽ ميڊيا جي نااهلي واضح ٿي وڃي ٿي. ڀارتي چينل انڊيا ٽي وي شوشو ڇڏيندي چيو ته عبدالرشيد غازي تازو ئي 70 نوجوانن تي ٻڌل هڪ ٽولو ٺاهيو آهي جنهن جون عمرون 18 کان 23 سال جي وچ ۾ آهن ۽ هنن ۾ هڪ احمد ڊار به شامل آهي جيڪو سي ڪيٽيگري سان تعلق رکي ٿو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *