سعودي ولي عهد جي دوري سان نئون اقتصادي باب شروع ٿيندو: اسد عمر

اسلام آباد ( بيورو ) ناڻي واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته سعودي ولي عهد جي دوري سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا نين بلندين تائين پهچي ويندا، محمد بن سلمان جي دوري سان ٻنهي ملڪن وچ ۾ نئين اقتصادي باب جي شروعات ٿيندي.  اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد عمر چيو ته سعودي عرب پاڪستان ۾ توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ڪندو. هن چيو ته سعودي عرب متبادل توانائي جي منصوبن ۾ سيڙپڪاري جو خواهشمند آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ توانائي جي مد ۾  درآمد سڀ کان وڌيڪ آهي، سعودي توانائي ڪمپني جو پاڪستان ۾ دلچسپي وٺڻ سٺو سنوڻ آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *