راجستان ۾ ڀارت جون جنگي مشقون،حملي جو جواب ڏينداسين: مودي جي ڀڀڪي

نئين دهلي(م ڊ)ڀارت جي هوائي فوج والاريل ڪشمير جي علائقي پلوامه ۾ سيڪيورٽي فورسز تي تي حملي واقعي کانپوءِ پاڪستان جي سرحد سان گڏ انڊيا جي رياست راجستان ۾ وڏيون فضائي مشقون  ڪيون آهن جن ۾ فضائيه ۾ شامل سمورن جهازن ۽ حملي آور هيليڪاپٽرن حصو ورتو، انڊيا جي سرڪاري خابرو ايجنسي پي ٽي آءِ مطابق اهي فضائي مشقون پوکران جي علائقي ۾ ڪيون ويون انهن ۾ ڀرپور فائر جو مظاهرو ڪيو ويو، انڊيا جي ميڊيا ۾ اها ڳالهه به ڪئي پئي وڃي ته اهي مشقون ڪرائڻ جو منصوبو  گهڻو اڳ ٺاهيو ويو هو هوڏانهن ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته پلواما ۾ دهشتگرد حملي جو جواب ڏنو ويندو، ذميوار بچي نه سگهندا. مهاراشٽر ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو ته مان ڪالهه به چيو هو ۽ اڄ به چوان ٿو ته جوانن جي قرباني ضايع نه ٿيندي،  دهشتگرد ڪٿي به لڪڻ جي ڪوشش ڪن کين نه ڇڏينداسين، سڪيورٽي فورسز کي کليل ڇوٽ ڏني وئي آهي. هن چيو ته هڪ ملڪ جيڪو ڏيوالو ٿيڻ جي ڪناري تي آهي هو دهشتگردي جو آستان بڻجي چڪو آهي. سندس چوڻ هو ته پلوامه حملي جو جواب ڪيئن ڏيڻو آهي، ڪٿي ڏيڻو آهي، ڪهڙي نموني ڏيڻو آهي سڀني جو فيصلو اسان جي فوج ڪندي، توهان صبر ڪيو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *