بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جي اثاثن جا تفصيل پيش

اسلام آباد ( بيورو ) بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي اثاثن جا تفصيل پيش ڪيا ويا آهن. راولپنڊي جي دهشتگرديءَ جي خاتمي واري عدالت جي جج اصغر خان بينظير ڀٽو قتل ڪيس ۾ پرويز مشرف جي روپوش هئڻ جي معاملي جي ٻڌڻي ڪئي. ايف آءِ اي جوابدار پرويز مشرف جي اثاثن جا تفصيل پيش ڪري ڇڏيا. ايف آءِ اي عدالت کي آگاهه ڪيو ته رڳو اسٽينڊرڊ چارٽرڊ بئنڪ اڪائونٽس جا تفصيل رهجي ويا آهن، جنهن لاءِ مهلت ڏني وڃي. عدالت چيو ته 15 مارچ تائين تفصيل پيش ڪيا وڃن جڏهن ته تفصيل مڪمل ٿيڻ تي جوابدار پرويز مشرف جا سمورا اثاثا ضبط ٿيندا.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *