سنڌ ۾ قوم پرستي جي سياست هميشه لاءِ دفن ٿي چڪي آهي، مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (هه آ)  وزيراعليٰ سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بيرسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته سنڌ ۾ قوم پرستي جي سياست هميشه لاءِ دفن ٿي چڪي آهي هاڻي سنڌ کي قوميت جي آلي سان ڪٽڻ جي سازش ڪڏهن به ڪامياب نه ٿي سگهندي. اطلاعات واري صلاحڪار جلال محمود شاهه جي بيان تي پنهنجو ردعمل ڏيندي چيو ته جلال محمود شاهه سنڌ جي قوم پرست سياست جو ڇٽل ڪارتوس آهي جنهن کي يونين ڪونسل جي نشست تي به ڪاميابي حاصل نه ٿيندي ۽ هو پاڪستان پيپلز اپرٽي جي قيادت تي الزام تراشيون ڪندڙ پنهنجي اندر جهاتي پائي ڏسن. هن چيو ته سنڌ ۾ قوم پرست سياستدان سياسي ميدان جا اهي يتيم آهن جنهن جي ڪابه اهميت نه آهي جيڪي دربدر ممتا جي پن جي ڳولا ۾ رڌل ۽ سرگرم عمل آهن. انهن لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته اهو قوم پرست فقط ۽ فقط ”سياسي يتيم“ جي اصطلاح تي پورا لهندا آهن. اطلاعات واري صلاحڪار وڌيڪ چيو ته جلال محمود شاهه وفاقي حڪومت کان گهر ڪئي آهي ته پيپلز پارٽي جو احتساب ڪيو وڃي انهن کي فقط اهو ٻڌائڻ مقصد آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي 1979 کان احتساب کي منهن ڏيندي آئي آهي ۽ هر محاذ تي ڪامياب ٿي عوام جي خدمت ڪندي رهي آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ قوم پرست سياست فقط مفادن جي سياست ڪندي آهي انهن جو سنڌ جي مفادن ۽ عوام سان ڪوبه رشتو نه آهي اهي قومپرست سياستدان سستي شهرت حاصل ڪرڻ لاءِ اهڙي بيان ڏيندا آهن. ان کان علاوه بيرسٽر مرتضيٰ وهاب پنجاب جي اطلاعات بابت وزير جي بيان تي پنهنجي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو ته فياض الحسن چوهاڻ هن وقت شديد نفسياتي عارضي ۾ مبتلا آهي ان کي صرف ماهر نفسيات جي ضرورت آهي هن چيو ته ايڪويهن صدي جي جديد دور ۾ فياض الحسن چوهاڻ جادو ٽوڻي جون ڳالهيون ڪري پنهنجو پاڻ کي خبرن ۾ زنده رکڻ جي ناڪام ڪوشس ڪري رهيو آهي جنهن کي صرف پبليسٽي حاصل ڪرڻ جو حربو استعمال ڪرڻ جو نالو ڏئي سگهجي ٿو.هن جي لاءِ بهتر هوندو ته هو پنهنجي جادو ٽوڻي جي ٽوڙ لاءِ ميڊيا بدران بني گالا رابطو ڪري. پهرين پنهنجو علاج معالجو ڪرائي ۽ پنهنجي ذهنيت کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشس ڪري. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جي وڏي تعداد اهڙي ذهني نفسياتي مرض ۾ گرفتار آهن جيڪي صرف ڳالهيون ڪري سگهندا آهن ۽ عملي ڪم ڪرڻ لاءِ انهن جي ڪارڪرگي صفر آهي.