حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾  نيب قانون ۾ ترميم تي ڊيڊ لاڪ برقرار

اسلام آباد ( بيورو )  نيب قانون ۾ ترميم تي حڪومت ۽ مخالف ڌر وچ ۾ اڃا به ڊيڊ لاڪ برقرار آهي.  ذريعن موجب حڪومت ۽ مخالف ڌر ۾ نيب قانون ۾ ترميم تي آخري ويهڪ کي هڪ مهيني کان وڌيڪ وقت گذري ويو آهي، قانون واري وزارت نيب قانون ۾ ترميم جو مسودو تيار ڪري ورتو آهي. تجويز ڪيل مسودي موجب حڪومت ضمانت ڏيڻ يا نه ڏيڻ جو اختيار ٽرائل ڪورٽ کي ڏيڻ چاهي ٿي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب پلي بارگين جي قانون ۾ به حڪومت ترميم ڪرڻ چاهي ٿي، نيب کي رڳو ميگا ڪرپشن ڪيسن تي ڪارروائي جي اجازت هوندي، جڏهن ته ڪاروباري شخصيتون جن وٽ ڪو سرڪاري عهدو ناهي اهي نيب جي زمري ۾ نه اينديون.  ٻئي طرف قانون واري وزير فروغ نسيم جو چوڻ آهي ته حڪومت جو نيب چيئرمين تي مڪمل اعتماد آهي، عبدالعليم خان جي گرفتاري بعد حڪومت نيب جو اختيار گهٽ ڪرڻ نه ٿي چاهي، نيب مڪمل طور آزاد آهي، حڪومت نيب جي معاملن ۾ ڪڏهن مداخلت نه ڪندي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *