وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس،اهم معاملن تي غور

اسلام آباد(بيورو) وزير اعظم جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ڪابينا گذريل فيصلن تي عملدرآمد جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ۽ ان تي اطمينان جو اظهار ڪيو. وفاقي ڪابينا پنهنجي اقتصادي رابطا ڪميٽي ۽ توانائي ڪميٽي ۾ ٿيل فيصلن سميت ليجسليٽو ڪيسز جي ڊسپوزل لاءِ قائم ڪميٽي جي فيصلن جي به منظوري ڏني. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا سعودي ولي عهد جي پاڪستان جي دوري بابت معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ۽ ولي عهد جي پاڪستان جي دوري دوران سيڪيورٽي ۽ مخلتف معاهدن بابت آگاهه ڪيو ويو. وفاقي ڪابينا ۾ سعودي عرب سان معاهدن جي تفصيل پيش ڪئي وئي ۽ ڪابينا سعودي عرب جي توانائي جي شعبي ۾ 1.207 ارب ريال ماليت جي 5 منصوبن جي واڌ ڏني جڏهن ته ان دوران بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ولي عهد جي دوري سان توانائي سميت مختلف شعبن ۾ اربين ڊالر جي سيڙپڪاري ٿيندي. ذريعن موجب سعودي عرب ديامر ڀاشا سميت توانائي جي مختلف منصوبن ۾ سعودي عرب ڳري سيڙپڪاري ڪندو. وفاقي ڪابينا ڪي پي ٽي ٽرسٽ ۾ سلطان علي الانا جي استعيفيٰ ۽ عاطف باجوه کي ميمبر بڻائڻ جي منظوري ڏني جڏهن ته گوادر پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين جي مقرري جي منظوري سان گڏ عدنان غني کي زرعي ترقياتي بينڪ جو صدر مقرر ڪرڻ ۽ اي او بي آءِ جي چيئرمين جي مقرري جي به منظوري ڏني. ان کان سواءِ ڪابينا انفرااسٽريڪچر، مالياتي شموليت جي منصوبن ۾ پيپرا رولز 2004ع جي ڇوٽ، پمز آرڊيننس 2019ع جي مسودي نيشنل ڊيزاسٽر مينجمنٽ ايڪٽ 2010ع ۾ ترميم ۽ منشيات جي خاتمي واري پاليسي 2018ع جي به منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا آزاد ڪشمير کي پاڻي جا چارجز ادا ڪرڻ جي لاءِ قائم ڪميٽي جي سفارشن جي به منظوري ڏني.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *