ارشاد رانجهاڻي جي واقعي تي ڪجهه ماڻهو لساني فساد جو ذريعو بڻجڻ چاهين ٿا؛وڏو وزير

بدين (ڊ ر) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته ارشاد رانجهاڻي جي واقعي تي ڪجهه ماڻهو لساني فساد جو ذريعو بڻجڻ چاهين ٿا. تفصيل موجب سنڌ جو وڏي مراد علي شاهه مير غلام محمد ٽالپر جي ورسي ۾ شرڪت لاءِ ٽنڊوباگو پهتو. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ارشاد رانجهاڻي جو قتل ڪنهن قوم سان واسطو رکندڙ فرد جو نه آهي انسانيت جو قتل آهي پر ڪجهه عنصر ان معاملي تي لساني فساد جو ذريعو بڻجڻ چاهين ٿا. مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت سنڌ ۾ تعليمي بهتري لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي، اسڪولن جي ايليوڪيشن به رکي آهي، اتي ايجوڪيشن ورڪس ڊپارٽمنٽ به ڪم ڪري رهيو آهي، ڪن اسڪولن ۾ ڪم ٿي رهيو آهي اسان سڀ اسيمبلي ميمبر کي اسڪولن جي لسٽ به ڏني آهي جڏهن ته بدين ۾ پاڻي جي بحران جي خبر اهي، ترت پاڻي جي کوٽ جو معاملو حل ٿي ويندو. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير چيو ته ڊاڪٽرن لاءِ پهريان ئي اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو به پنجاب ۾ هنن کي ملي رهيو آهي اتي به اهو ئي ملندو جڏهن ته ٽيڪس وصول ڪرڻ ۾ وفاق جي ڪوتاهي آهي ۽ پهرين ستن مهينن ۾ پوئين سال مان به ڪمي پيشي اسان کي ملي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *