ڪراچي ( م ڊ ) ملير جي عدالت نوجوان ارشاد رانحهاڻي کي بيدردي سان قتل ڪندڙ رحيم شاهه کي چئن ڏينهن جي رمانڊ تي شاهه لطيف ٽائون جي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي . ملير جي عدالت ۾ ارشاد رانجهاڻي جي قاتل رحيم شاهه کي پيش ڪيو ويو ته اتي موجود ماڻهن طرفان رحيم شاهه قاتل جا زوردار نعرا هنيا ويا .شاهه لطيف ٽائون جي پوليس شھيد ارشاد رانجھاني جي قاتل يوسي چئيرمين رحيم شاھ جي گرفتاري باقاعدا ظاهر ڪئي آهي. رحيم شاهه کي جوڊيشل مئجيسٽٽ نمبر 9 جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، عدالت رحيم شاهه کي چئن ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو . رحيم شاهه کي سخت سڪيورٽي هيٺ بڪتربند گاڏي ۾ عدالت آندو ويو سندس عدالت ۾ آمد وقت ماڻهو وڏي انگ ۾ موجود هئا جن رحيم شاهه قاتل قاتل جا زوردار نعرا هنيا . پوليس رڳو رحيم شاهه کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو جڏهن ته بين جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو ويو آهي .