واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) ايران انقلاب جي 40هين سالگرهه تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ايران انقلاب رڳو، ڪرپشن ۽ دهشتگردي کي هٿي ڏني. انگريزي ۽ فارسي ۾ ٽوئٽ ڪندي ٽرمپ لکيو ته چاليهه سالن جي انقلاب جو نتيجو رڳو ناڪامي آهي. ايراني عوام هن کي چون ته گھڻي روشن مستقبل جا هقدار آهن. ٻئي پاسي اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو ڌمڪي ڏني ته ايران اسرائيل تي حملي جي غلطي ڪئي ته اهو انقلاب ايران جي آخري سالگرهه ثابت ٿيندو. نيتن ياهو جو اهو به چوڻ هو ته ايران جي ڌمڪين کي نظر اندار نه ڪندا آهيون پر هن کان ڊڃندا به نه آهيون.واضح رهي ته ايراني پاسداران انقلاب جي نائب سربراهه خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا حملو ڪيو ته اسرائيل کي تباهه ڪري ڇڏينداسين جڏهن ته سموري ايران انقلاب جي حمايت ۾ مظاهرا ڪيا آهن. ايراني صدر روحاني چيو ته ايران پهريان به ميزائل ٺاهڻ لاءِ ڪنهن کان اجازت نه ورتي ۽ آئيندا به نه وٺندو. فوجي طاقت ۾ واڌ جاري رکنداسين ۽ آمريڪا کي نفسياتي جنگ ۾ ڪامياب نه ٿيڻ ڏينداسين.