نواز شريف جي پهرين سزا معطلي جي درخواست واپس وٺڻ جي درخواست منظور

اسلام آباد ( بيورو ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي پهرين سزا معطلي جي درخواست واپس وٺڻ جي درخواست منظور ڪري ورتي، هاڻي رڳو طبي بنيادن تي سزا معطلي جي درخواست جي پيروي ڪندو. اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جج جسٽس عامر فاروق ۽ جسٽس محسن اختر ڪياني تي ٻڌل 2 رڪني بئنچ درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت نواز شريف جي وڪيل خواجه حارث کان پڇاڻو ڪيو ته ڪهڙي درخواست ٻڌي وڃي، خواجه حارث عدالت کي آگاهه ڪيو ته پهريون سزا معطلي درخواست واپس وٺڻ جي متفرق درخواست تي دليل ڏيندس. عدالت پڇاڻو ڪيو ته جڏهن پهرين درخواست داخل ڪئي ته ڇا ميڊيڪل گرائونڊ موجود هو،  ڇا ميديڪل گرائونڊ تي نئين درخواست داخل ڪري سگهجي ٿي؟  بئنچ پڇاڻو ڪيو ته طبي بنيادن تي سزا معطلي درخواست سپريم ڪورٽ جي فيصلن جي روشني ۾ ٻڌنداسين. جسٽس عامر فاروق رمارڪس ڏيندي چيو ته  سپريم ڪورٽ جا نيب ڪيسن ۾ 3 تازا فيصلا موجود آهن.  خواجه حارث ٻڌايو ته اسان جي پهرين سزا معطلي جي درخواست بعد ميڊيڪل جي صورتحال ٺهي، سزا معطلي جي پهرين درخواست وقت صحت جي اها صورتحال نه هئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *