آءِ ايم ايف سان مسئلو ڊيل جو نه آهي، ڊيل بابت شرطن جو آهي: چوڌري فواد حسين

اسلام آباد (اين اين آءِ) سڌسماءِ جي وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان مسئلو ڊيل جو نه آهي ڊيل بابت شرطن جو آهي پاڪستان ڪنهن گڏيل بيل آئوٽ پئڪيج جو خواهشمند آهي اهڙيون شرطون نٿا چاهيون جنهنس ان پاڪستان جي واڌ جي شرح کي نقصان پهچي گذريل ڏينهن برطانوي خابرو ايجنسي سان ڳالهائيندي سڌسماءِ جي وفاقي وزير چيو ته وزيراعظم دبئي ۾ منعقد ٿيندڙ ساليانو عالمي اجلاس ورلڊ گورمنيت سمٽ کان پوءِ آءِ ايم ايف سربراهه سان ملاقات سان سندس موقف سمجهڻ جو موقف ملندو ۽ اسان کي به پنهنجو موقف پيش ڪرڻ جو موقف ملندو فواد چوڌري چيو ته اهڙي شفاف ڊيل چاهيون ٿا جيڪا گهٽ مدي ۾ پاڪستان جي لاءِ مددگار هجي ۽ اسان جي ڊگهي مدي معاشي مقصدن تي اثرانداز نه ٿئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *