دبئي(م ڊ) وزير اعظم عمران خان جو چوڻ آهي ته ترقي جو بنياد رڳو بهتر حڪمراني آهي ۽ حڪومت شفاف ٿئي ته ملڪ تيزي سان ترقي ڪندو. دبئي ۾ ورلڊ گورنمنٽ سمٽ کي خطاب ڪندي وزير اعظم عمران خان جو چوڻ هو ته خوشي آهي ته اسلامي دنيا ۾ به اهڙي ڪانفرنس ٿي رهي آهي، 60 واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان تيزي سان ترقي ڪري رهيو هو ۽ يو اي اي جي ايئرلائن سان پي آءِ اي سهڪار ڪيو پر بدقسمتي سان پاڪستان ترقي جي رفتار برقرار نه رکي سگهيو. وزير اعظم جو چوڻ هو ته ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته ڪرڪيٽ کان سياست ۾ ڪيئن آيس اِهو ٻڌائڻ چاهيان ٿو ته آئون پاڪستان ۾ ڇا چاهيان ٿو، منهنجي ماءُ ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪيو ته احساس ٿيو ته پاڪستان ۾ ڪا به ڪينسر جي اسپتال ناهي، ڪرڪيٽ کان ريٽائرڊمنٽ بعد اسپتال بڻائڻ تي ڌيان ڏنو جڏهن ته اسان خيرات مان گهڻو اڳتي ۽ ٽيڪس ڏيڻ ۾ گهڻو پوئتي آهيون. عمران خان چيو ته جڏهن ماڻهو ايترا سٺا آهن ته پوءِ ٽيڪس ادا ڇو ناهن ڪندا ڇو ته ماضي ۾ ٽيڪس حڪمرانن جي عياشين تي خرچ ٿيندا رهيا ۽ ان ڪري ماڻهو ماضي جي حڪومتن تي اعتماد ناهن ڪندا ۽ ٽيڪس ناهن ڏيندا، ڪرپشن سان ٽيڪس جو پيسو چوري ٿيندو آهي ان ڪري سڌارن ۾ ڏکيائي آهي پر ضروري آهي. هن چيو ته ترقي جو بنياد رکو بهتر حڪمراني آهي، حڪومت شفاف ٿيندي ته ملڪ تيزي سان ترقي ڪندو، معاشي سڌارن سان سيڙپڪار پاڪستان جو رخ ڪري رهيا آهن ان ڪري ٻيا سيڙپڪار به پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جو اِهو موقعو ضايع نه ڪن ۽ پاڪستان ۾ سياحت جا سڀ کان وڌيڪ موقعا آهن. هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف جي پاڪستان سان سهڪار کي ساراهيندي چيو ته اسان مالياتي خساري کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.