لاهور(م ڊ) ميان نواز شريف جو طبي معائنو ڪندڙ اسپيشل ميڊيڪل بورڊ اڳوڻي وزير اعظم جي لاءِ هر وقت دل جي مرضن جي ماهر کي ضروري قرار ڏئي ڇڏيو. اسپيشل ميڊيڪل بورڊ جي سفارشن موجب ميان نواز شريف دل جي مرض ۾ مبتلا آهي، سندس ٿيلئم اسڪين ٽيسٽ ۾ انجائنا جو مسئلو سامهون آيو آهي. سفارشن ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف کي هر وقت دل جي مرض جي ماهر جي ضرورت آهي، هن کي اهڙي اداري ۾ شفٽ ڪيو وڃي جتي دل جي مرض جون طبي سهولتون بروقت ميسر هجن جڏهن ته سندس ماضي جي طبي هسٽري ۽ موجود طبي معائن جون رپورٽون به نظر ۾ رکيون وڃن. ميڊيڪل بورڊ جو پنهنجي سفارشن ۾ چوڻ هو ته نواز شريف جي موجوده صورتحال ان جي پهرين ڊاڪٽر سان به ڊسڪٽس ڪئي وڃي سگهي ٿي، سندس ڪجهه دوائون تبديل ۽ ڪجهه ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، اڳوڻي وزير اعظم جو بلڊ پريشر ۽ شوگر ليول ڪنٽرول آهي، سندس بلڊ پريشر ۽ شگر جو باقاعده چارٽ بڻايو وڃي. بورڊ پنهنجن سفارشن ۾ نواز شريف کي گهٽ لوڻ، گهٽ سڻڀ ۽ ڪم پروٽين واري غذا جي تجويز ڏني آهي. ٻئي پاسي نواز شريف جي ذاتي ڊاڪٽر عدنان پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته حڪومت جي جوڙيل 3 ميڊيڪل بورڊن نواز شريف جو طبي معائنو ڪيو آهي، سمورن بورڊن نواز شريف جي دل جي تڪليف جي تصديق ۽ اسپتال ۾ علاج جي سفارش ڪئي، کيس سروسز اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو جتي دل جي مرضن جي علاج جون سهولتون ئي ناهن. ڊاڪٽر عدنان جو چوڻ هو ته حڪومت نواز شريف جي علاج جي لاءِ دل جي مرض جي ماهرن جو ڪو به بندوبست ناهي ڪيو، ايس ايڇ ايل ميڊيڪل بورڊ نواز شريف جي فوري علاج جي سفارش ڪئي هئي، نواز شريف کي غير ضروري دٻاءُ ۾ رکي دل جي تڪليف جو علاج به ناهي ڪرايو ويو.