ڪراچي (م ڊ) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سڀني اسڪولن جي ٻارن کي پوليو ويڪسين ڪرڻ لازمي قرار ڏئي ڇڏيو ۽ چيو آهي ته جيڪو اسڪول ٻارن کي ويڪسين کان انڪار ڪندو ته ڪاروائي ڪئي ويندي. تفصيلن موجب وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ٿيل پوليو جي خاتمي واري ٽاسڪ فورس جو اجلاس ٿيو، اجلاس دوران صحت واري وزير عذرا پيچوهو، چيف سيڪريٽري سنڌ ۽ ٻين آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ سيد مراد علي شاهه سڀني اسڪولن ۾ ٻارن کي پليو ويڪسين جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا جڏهن ته ويڪسين کان انڪار ڪرڻ واري اسڪول خلاف ڪاروائي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. وڏي وزير چيو آهي ته سنڌ حڪومت پوليو جي خاتمي لاءِ ڀرپور بندوبست ڪري رهي آهي.اجلاس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته سنڌ ۾ گذريل سال هڪ پوليو ڪيس ڪراچي ۾ سامهون آيو هو، ماحولياتي نمونن مان خبر پئي ته ڪراچي جي سهراب ڳوٺ، مڇر ڪالوني، خميسو ڳوٺ، محمد خان ڪالوني، اورنگي ٽائون ۽ هجرت ڪالوني ۾ وائرس موجود آهي جڏهن ته نئين سکر ۾ به پوليو وائرس موجود آهي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته جنوري تائين 88 هزار 472 ٻارن کي پوليو ويڪسين لاءِ گھرن تي موجود هئاسين جڏهن ته 86 هزار کان وڌيڪ والدين ويڪسين ڪرائڻ کان انڪار ڪيو. وڏي وزير چيف سيڪريٽري کي هفتاوار رپورٽ وٺڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.