سپريم ڪورٽ اڳوڻي اٽارني جنرل عرفان قادر جو لائسنس بحال ڪري ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) سپريم ڪورٽ اڳوڻي اٽارني جنرل عرفان قادر جو لائسنس بحال ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس آصف سعيد کوسا چيو عرفان صاحب ويلڪم بيڪ، اميد آهي ته بينڪ سان توهان تعلق سٺو رهندو. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آصف سعيد کوسا جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اڳوڻي اٽارني جنرل عرفان قادر جو لائسنس رد ٿيڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي ۾ عدالت اڳوڻي اٽارني جنرل عرفان قادر جو لائسنس بحال ڪري ڇڏيو، چيف جسٽس آصف سعيد کوسا ريمارڪس ڏنا ته توهين عدالت جو ايشو ناهي، پراسيڪيوشن لاءِ ڪير به پيش ناهي ٿيو، ڪنهن جي التوا جي درخواست به ناهي آئي. چيف جسٽس وڌيڪ چيو ته عرفان صاحب ويلڪم بيڪ، اميد آهي ته بينچ سان توهان جو تعلق سٺو رهندو.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *