لاهور (م ڊ ) قومي احتساب بيورو ( نيب ) پنجاب جي سينيئر وزير عليم خان کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رپورٽن موجب نيب لاهور عليم خان کي آف شور ڪمپني اسڪينڊل ۽ آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي جاچ لاءِ اڄ طلب ڪيو هو جنهن لاءِ هو نيب آفيس پهتو جتي کيس گرفتار ڪيو ويو . ذريعن جو چوڻ آهي ته نيب عليم خان کي آف شور ڪمپني اسڪينڊل ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي. ذريعن موجب عليم خان ٺوڪر نياز بيگ تي موجود نيب جي آفيس پهتو جتي ميڊيان سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران سندس چوڻ هو ته اڄ جنهن معاملي تي طلب ڪيو ويو آهي ته ان تي واپسي تي ڳالهائيندس. ذريعن ٻڌايو ته نيب جي آفيس مان عليم خان جو اسٽاف اڪيلو روانو ٿيو ۽ سينيئر وزير نيب جي آفيس مان ٻاهر نه آيو. نيب ترجمان عليم خان جي گرفتاري جي تصديق ڪندي ٻڌايو ته سينيئر وزير کي آمدني کان وڌيڪ اثاثن جي ڪيس ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.