اسلام آباد ( بيورو ) قومي احتساب بيورو ( نيب ) جي چيئرمين جسٽس ( ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ اجلاس ٿيو جنهن ۾ مختلف ريفرنسز جي منظوري ڏني وئي. تفصيل موجب نيب چيئرمين جسٽس ( ر ) جاويد اقبال جي صدارت هيٺ نيب جي هيڊ ڪوارٽر ۾ اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ڪي پي ٽي جي اڳوڻي چيئرمين احمد حيات خلاف ڪرپشن ريفرنس داخل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ عبدالولي خان يونيورسٽي جي اڳوڻي وائس چانسلر مردان احسان علي، ايگزيڪٽو انجينئر ايريگيشن خيرپور اياز احمد ۽ اڳوڻي پوليس آفيسر ملڪ نويد، ميان رشيد ۽ ٻين خلاف به ريفرنس جي به منظوري ڏني وئي. ان موقعي تي نيب چيئرمين جاويد اقبال جو چوڻ هو ته نيب ڪرپشن کان پاڪ پاڪستان لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي، وائٽ ڪالر ڪرائيم جي جاچ نه ڪرڻ جي صلاحيت وارو تاثر رد ڪريون ٿا. نيب چيئرمين چيو ته 900 ارب رپين جي ڪرپشن جا ڪيس احتساب عدالتن ۾ داخل ٿي چڪا آهن. ان کان اڳ نيب چيئرمين جاويد اقبال ٻڌايو هو ته ميگا ڪرپشن جي 179 مان 105 ڪيسن تي ريفرنس داخل ٿي چڪا آهن، ميگا ڪرپشن جا 15 ڪيس انڪوائري ۽ 19 جاچ مرحلي ۾ آهن. سندس چوڻ هو ته نيب چئني صوبن ۾ بنا فرق ڪارروايون ڪري رهي آهي، ميگا ڪرپشن ڪيسن کي منطقي انجام تائين پهچائڻ پهرين ترجيح آهي. نيب چيئرمين وڌيڪ چيو ته بدعنواني جو خاتمو قومي فرض آهي، انتقامي ڪاررواين تي يقين نٿا رکون.