ڪراچي (هه آ) وزيراعليٰ سنڌ جي اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بيريسٽر مرتضٰي وهاب اڄ پنهنجي هڪ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جي سينيٽر جو بزنس ڪلاس ۾ سفر ڪرڻ رياست مدينه جي خود ساخته حڪمرانن کي زيب ناهي ڏيندو اها سياست نه پر منافقت جي اعلٰي مثال آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان کي پنهنجي سينيٽرن کي بزنس ڪلاس م سفر ڪرڻ تي ڪاوڙ ڪرڻ ان ڳالهه جو عين ثبوت آهي ته هنن ۾ قيادت جو فقدان آهي ۽ هو پنهنجي جماعت جي اڳواڻن کي ٻڌائي ته سادگي سان طرز حڪمراني ٿيندي آهي. هن چيو ته برطانيا جو سفر جهاز جي بزنس ڪلاس ۾ ڪرڻ ڇا تحريڪ انصاف کي نه ڏيڻ اهو پنهنجي انداز ۽ طريقي ۽ شان شوڪت سان تحريڪ انصاف جا نام نهاد نوڪر ناهن بلڪي مغليا دور جا شهزادا لڳندا آهن ۽ انهن جا لوزتن بڻيل آهن اهو عوام کي ڇا باور ڪرائڻ چاهن ٿا. هن چيو ته وزيراعظم جو بزنس ڪلاس ۾ سفر ڪرڻ تي سينيٽرن تي ڪاوڙ ڪرڻ کيس انهي ڳالهه جي دليل آهي ته عمران خان جي پارٽي ۾ قيادت جو زبردست فقدان آهي. پاڪستان پيلزپارٽي ڪڏهن به سياست ۾ منافقت جي ٽيڪ نه ورتي،وزيراعظم عمران خان پاڻ ته هيليڪاپٽر ۾ اڏامڻ جو آدي آهي ۽ کيس وزير ۽ صلاحڪار بزنس ڪلاس ۾ سفر ڪرڻ جا شوقين آهن جيڪو پاڪستان جي قومي ناڻي تي ٻوجهو آهي. شيخ رشيد جي 17 گاڏين جي شاهي قافلي ۾ اچڻ کيس پڌري منافقت آهي. شيخ رشيد جي ڳالهين ۽ عمل اهو کليل تضاد کان سواءِ ڪجهه به ناهي.. هن چيو ته وزيراعظم پنهنجي شاهي درٻار جي ميمبرن کي ٻڌائي ته سادگي جو مطلب ڇا آهي ۽ سياسي مخالفن تي الزام هڻڻ ۽ پاڻ مغليا شهزادن ۽ شاهاڻي انداز جي طرز زندگي اختيار ۽ صبر ڪرڻ تحريڪ انصاف جو شيوا آهي.