اسلام آباد ( بيورو ) پاڪستان سميت سموري دنيا ۾ ڪشمير ڏهاڙو ملهايو ويو ۽ ان سلسلي ۾ تقريبن جو سلسلو جاري رهيو. اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي تقريب ۾ ڪشمير معاملن بابت وفاقي وزير ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ صبح 10 وڳي هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. پاڪستان ۽ ڪشمير کي ملائيندڙ مظفرآباد کي ڪوهالا پل سميت مختلف هنڌن تي انساني هٿن جي زنجير ٺاهي وئي، ٻارن سهيلي سرڪار پل کان آزادي چوڪ تائين مارچ ڪيو.ڪشمير ڏهاڙي جي موقعي تي ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار لاءِ سموري ملڪ ۾ عام موڪل آهي، سموري ملڪ ۾ ريليون ڪڍيون ويون ۽ والاريل ڪشمير ۾ جاري ڀارتي ظلمن خلاف احتجاج ڪيو ويو. صدر عارف علوي آزاد ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي اجلاس سان خطاب ڪيو، جڏهن ته وزيراعظم آزاد ڪشمير اسيبملي ميمبرن سان گڏ عالمي قومن جي آفيس ۾ مذمتي ٺهراءُ جمع ڪرايو. مختلف سياسي جماعتن طرفان به سموري ملڪ ۾ ڪشميرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ريليون، سيمينار ۽ ڪانفرنسون ڪوٺايون ويون، جنهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي وحشياڻن ظلمن، عورتن جي بي حرمتي، نوجوانن کي گم ڪري مارڻ جهڙن افسوناڪ واقعن تي عالمي برادري اڳيان آواز اُٿاريو ويو .والاريل ڪشمير ۾ ظلمن خلاف اسپين جي شهر بارسلونا ۾ احتجاج ڪيو ويو جڏهن ته اٽلي جي شهر ميلان ۾ به احتجاج ٿيو، بليجيئم جي گادي واري شهر برسلز ۾ ڏيئا ٻاري ڪشميرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ويو، لنڊن ۾ تاريخي ريلي لاءِ بريڊ فورڊ، برمنگھم، مانچسٽر ۽ گلاسگو سميت مختلف شهرن ۾ تياريون مڪمل ڪيون ويو آهن. واضح رهي ته پاڪستاني 1990ع کان 5 فيبروري کي ڪشميرين سان ٻڌي جي اظهار طور ملهائي رهيا آهن جنهن جو مقصد ڀارتي ظلمن جو شڪار ڪشميري عوام جي حمايت ڪرڻ آهي. ڪشميري مسلمان جي جدوجهد جاري آهي.