لنڊن ڪانفرنس ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش

لنڊن (م ڊ) لنڊن ڪانفرنس ۾ والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو ويو. لنڊن ۾ برطانوي پارليامنٽ ۾ ڪشمير ڪانفرنس ٿي جنهن ۾ برطانوي اسيمبلي ميمبرن به شرڪت ڪئي.ڪانفرنس ۾ ڪشمير مسئلي تي تاريخي روشني وڌي ۽ اتي جاري ڀارتي ظلمن کي بي نقاب ڪيو.ڪانفرنس جي آخر ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جي خلاف ورزين خلاف مذمتي ٺهراءُ پيش ڪيو ويو جنهن متفقه طور تي منظور ڪيو ويو، اتي موجود ماڻهن ٺهراءَ ۾ ڪشميرين جي خراب حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي عالمي برادري تي زور وڌو ته والاريل ڪشمير ۾ انساني حقن جون خلاف ورزيون روڪڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري.ٺهراءَ ۾ مطالبو ڪيو ويو ته والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج جي پيلٽ ڪنز فائرنگ سان متاثر ٿيل ماڻهن کي فوري طبي امداد فراهم ڪيو وڃي. اتي موجود ماڻهن چيو ته ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ڪيو وڃي، ڇو ته اهو مسئلو حل نه ٿيڻ سان به رڳو ڪشميرين جي ڏکيائين ۾ واڌ ٿي پر اهو معاملو خطي جي سلامتي لاءِ به خطرو آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *