سلام آباد(بيورو) ڪوڙي بينڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ 16 انڪوائرين تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. نيب ڪوڙي بينڪ اڪائونٽ ڪيس ۾ تيار ڪيل رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته نيب چيئرمين سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ 18 جنوري تي ڊي جي نيب راولپنڊي کي جاچ لاءِ اختيار ڏنا، ڊي جي نيب راولپنڊي اسپيشل يونٽ جوڙي ڇڏيو ۽ 4 گڏيل ج ٽيمون بڻايون جن 16 انڪوائرين تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو. هر ٽيم 5 ميمبرن تي ٻڌل آهي جنهن جو سربراهه ڊپٽي ڊائريڪٽر ليول جو آفيسر آهي جڏهن ته هر ٽيم سان گڏ هڪ اسپيشل پراسيڪيوٽر کي به سلهاڙيو ويو آهي، سموريون ٽيمون ريڪارڊ جو شروعاتي جائزو وٺي جاچ شروع ڪنديون، جاچ ٽيمون ڪراچي به وينديون. پهرين جاچ ٽيم ڊپٽي ڊائريڪٽر يونس خان جي سربراهي ۾ ڪم ڪندي ان ٽيم ۾ ڊپٽي ڊائڪريٽر حماد ڪمال، ڊپٽي ڊائريڪٽر وقار احمد، اسسٽنٽ ڊائريڪٽر محمد قاسم ۽ مدثر حسين شامل هوندا جڏهن ته ڊائريڪٽر مبشر ڪري، محمد غفران ۽ ملڪ عزير ريحام شامل آهن.