رمشا وساڻ جا قاتل گرفتار نه ٿيا،خيرپور ۾  جسقم ۽ سول سوسائٽي روڊن تي اچي وئي،چونڊيل نمائندا غائب

خيرپور (شاهد سيال وٽان) رمشا وساڻ  جي قتل خلاف خيرپور ۾  جسقم  ۽ سول سوسائٽي تنظيم پاران گڏيل طور ريلي ڪڍي وئي،   ريلي نيشنل کان ٿيندي  پريس ڪلب پهچي سخت احتجاجي مظاهرو ڪيو،ريلي جي اڳواڻي بشير جمالي، ناياب سرڪش ، سنڌو نواز ، فرزانه جمالي، قربان منگي، شهباز ڦلپوٽو، ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا،  ان موقعي تي اڳواڻن  ريلي کي خطاب ڪندي چيو ته  رمشا وساڻ جو قتل پوري معاشري جي نياڻين جو قتل آهي، افسو آهي جو رمشا جا قاتل سريعام قتل ڪري فرار ٿي ويا پر خيرپور پوليس جون اکيون بند هيون،  حيران ڪن ڳالهه آهي ته  سياست جو ڳڙهه سڏجندڙ ڪوٽڏجي ، خيرپور ضلعي جا اڳواڻ اگهور ننڊ ۾ ستل هئا،  ان جا ڪتا به خاموش آهن، پر جيڪڏهن  ننڊو مسئلو ٿئي ٿو ته پنهجي سياست چمڪائڻ کان هرگز نٿا مڙن،  رمشا وساڻ جي قاتل جي گرفتاري لاءِ ڪو به ايم اين اي، ايم پي اي سامهون اچي رمشا جي خون سان انصاف جي ڳالهه ئي نٿو، ڪري سڀ ڪيڏانهن غائب ٿي آهن،  ٻيو ته ٺهيو رمشا وساڻ جي تڏي تي وڃي تعزيت ڪرڻ کان به چونڊيل نمائندا، ضلعي انتظاميان ، سنڌ جو وڏو وزير قاسر بڻيل آهي،  ڇا رمشا وساڻ کي بيدري سان قتل ڪندڙ جوبدارن خلاف سنڌ حڪومت جي ڪا به زميواري ناهي، ان موقعي تي اڳواڻن رمشا وساڻ واقعي جي  سخت لفظن ۾ مزمت ڪندي، حڪومت کان رمشا وساڻ قتل جا اصل جوبدار گرفتار ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، هنن چيو ته  رمشا وساڻ جي قاتلن کي گرفتار ڪري سريعام ڦاهي تي لٽڪايو وڃي، ۽ رمشا وساڻ جي نالي سان اسڪول قائم ڪيو وڃي، ته جيئين بي شرم قاتلن کي ٻ ايندڙ قومن لاءِ رمشا وساڻ جو نالو روشن رهي،  هنن چيو ته جيڪڏهن رمشا وساڻ جا قاتل گرفتار نه ٿيا ته جيئي سنڌ پاران شٽر بند هڙتال جو سڏ ڏنو ويندو، جڏهن ته احتجاجي تحريڪ  رمشا وساڻ جي قتل سان انصاف تائين جاري رهندي،

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *