وارهه جو پيرسن پرائمري استاد نصير آباد ۾ گوليون هڻي قتل،پوليس ڀوتارن جي ونگار وهڻ ۾ پوري

نصيرآباد(رپورٽ؛هريش آهوجا)جبل کان شروع ٿيل خونريزي وارهه کان پوءِ نصيرآباد پھتي.نصيرآباد واسين جو ساهه مٺ م اچي ويو.گائینچا ۽  چانڊيا برادري جي ٻن ۾ ھلندڙ خونريزي تان نصيرآباد باءِ پاس تي وارهه واسي پرائمري استاد جعفر گائنچو گوليون جو خاڄ بڻجي ويو.ھٿياربندن جي فائرنگ م ٽيڪسي ڊرائیيور پڻ زخمي.ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو اسپتال منتقل.سوڳ ۾ وارهه شھر بند ٿي ويو. اطلاع تي وارهہ شھر ۾ خوف واري فضا.ايس ايس پي قمبر/شھدادڪوٽ ذوالفقار مھر وارہ پھتو.مقتول جي وارثن سان ملاقات.تفصيل معلوم ڪيا.واقعي جو ڪيس داخل نہ ٿيو.ھلندڙ تڪرار تان ٻنھي ڌرين جا ڇھ ڄڻا مارجي ويا.پوليس ڀوتارن جي وانگر وھڻ ۾ پوري.  تفصيل خبر موجب وارہ تعلقي جي جابلو پٽي م تقرين پنج کان ڏہ ايڪڙ زمين جي پراڻي تڪرار تان گائینچا ء انڻاڻي برادري جي ٻن ڌرين م ھلندڙ خونريزي رڪجي نہ سگھي آھي.اھا جابلو پٽي کان شروع ٿيل خونيزي وارہ کان پوء اچي نصيرآباد پھتي آھي جنھن خونريزي جي تڪرار تان ڪالھ صبح جو سوير تقريبن 5:30 بجي ڌاري نصيرآباد باء پاس جي مين بس اسٽاپ تي تاڙ م بيٺل ء سياڊي ڪندڙ ھٿياربندن ڪراچي مان پنھنجي ڳوٺ وارہ لاء ڀاڄائي مسمات رابعہ خاتون زال ڪريم بخش گانئیچو سان گڏ نصيرآباد باء پاس مين بس اسٽاپ تي ڪوچ مان لھندڙ پنجاہ ورھين جي پيرسن پرائمري استاد محمد جعفر پٽ جڙيل گانچو کي گوليون ھڻي قتل ڪري فرار ٿي ويا.ھٿياربندن جي فائرنگ م اسٽاپ تي بيٺل ٽيڪسي ڊرائیور امجد ڪانڌڙو پڻ سخت زخمي ٿي پيو ھو جنھن کي ڳڻتي جوڳي حالت م سول اسپتال لاڙڪاڻو منتقل ڪيو ويو ھو.اطلاع تي نصيرآباد پوليس واقعي واري جاء تي پھچي قتل ٿيل پرائمري استاد جعفر گانچي جو لاش ضروري سرڪاري ڪاروائي لاء رورل ھيلٿ سينٽر نصيرآباد پھچايو ضروري سرڪاري ڪاروائي بعد وارث قتل ٿيل پيرسن پرائمري استاد جعفر گائینچو جو لاش اباڻي ڳوٺ ڊٻ گائینچا تعلقي وارہ کڻائي ويا.ھوڏانھن اطلاع تي وارہ شھر م سوڳ ء خوف واري صورتحال ٿي وئي ء ايس ايس پي قمبر/شھدادڪوٽ ذوالفقار مھر وارہ شھر صورتحال تي ڪنٽرول ڪرڻ لاء سموري وارہ شھر م پوليس جي نفري مقرر ڪري ڇڏي ھئي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *