اسلام آباد (اين اين آءِ) سپريم ڪورٽ آف پاڪستان اڳوڻي آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه جي بدلي جي معاملي تي ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو ته معاشري ۾ ڏوهن کي ٻنجو ڏيڻ ۽ سزائون ڏيڻ وفاق ۽ صوبن جي گڏيل ذميواري آهي امن امان قائم ڪرڻ کي آرٽيڪل 142 بي سان مشروط نٿو ڪري سگهجي امن امان قائم ڪرڻ لاءِ وفاق کي صوبائي حڪومتن جي اجازت ضروري نه آهي پوليس ۾ بدلين جا اختيار صوبائي حڪومت بدران آءِ جي سنڌ کي هجڻ گهرجن سومر تي جاري ڪيل فيصلو جسٽس عمر عطا بنديال لکيو آهي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ ٽن ميمبرن واري بئنچ 22 مارچ 2018 تي فيصلو محفوظ ڪيو هو فيصلي ۾ چيو ويو ته امن امان قائم ڪرڻ لاءِ وفاق کي صوبائي حڪومتن جي اجازت ضروري نه آهي فيصلي ۾ چيو ويو ته ايف آءِ اي فواقي ادارو آهي پر سمورن صوبن ۾ ڪم ڪري ٿو فيصلي ۾ چيو ويو ته اهڙي طرح نيب به وفاقي ادارو آهي پر چئني صوبن ۾ ڪم ڪري ٿو فيصلي ۾ چيو ويو ته آرٽيڪل 143 سڄي ملڪ ۾ امن امان جون ذميواريون وفاق کي ڏي ٿو فيصلي ۾ چيو ويو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ چيو ته امن امان جو قيام وفاق ۽ صوبن جي گڏيل ذميواري آهي فيصلي ۾ چيو ويو ته اسان سنڌ هاءِ ڪورٽ جي هن فيصلي سان اتفاق ڪيون ٿا. فيصلي ۾ چيو ويو ته پوليس آفيسرن جي مقرري وفاق ۽ صوبا گڏيل طور تي ڪن.