اسلام آباد ( بيورو ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي زندگين ۾ واضح تبديلي آڻڻ پي ٽي آءِ حڪومت جو منشور آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب وزيراعظم عمران خان سان ڪوهاٽ ۽ ڊيرا اسماعيل خان مان پي ٽي آءِ جي قومي اسمبلي جي ميمبرن ملاقات ڪئي جنهن ۾ علي امين گنڊاپور، شاهد احمد، نورين فاروق، ابراهيم، شاندانه گلزار ۽ يعقوب شيخ شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان جي خاص مددگار نعيم الحق، ترجمان نديم افضل چن ۽ سيڪريٽري جنرل ارشد داد به موجود هئا. قومي اسمبلي جي ميمبرن وزيراعظم کي تڪقن بابت مسئلن کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم ميمبرن جا مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائيندي چيو ته ڪي پي جي عوام جي بهتري لا کينل قدمن کي وڌيڪ اڳتي وڌائينداسين، تعليم، صحت ۽ ٻين شعبن ۾ تبديلي جو عمل مضبوط ڪنداسين. وزيراعظم جو چوڻ هو ته خيبرپختونخوا صوبي ۾ سياحت جي شعبي وڏي صلاحيت آهي، سياحت کي هٿي ڏيڻ سان صوبائي ۽ ملڪي معيشت جو فائدو ٿيندو جڏهن ته عوام جون زندگين ۾ واضح تبديلي آڻڻ پي ٽي آءِ حڪومت جو منشور آهي. وزيراعظم صوبائي حڪومت کي ڪرڪ ۽ ڊي آءِ خان ۾ پاڻي جي فراهمي واري رٿا جوڙڻ جي به هدايت ڪئي.