پاڪستان ۾ هر سال چاليهه هزار عورتون ڇاتي جي ڪينسر سبب فوت ٿين ٿيون: رپورٽ

اسلام آباد ( بيورو ) پاڪستان ۾ هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر جا 90 هزار نوان ڪيس رپورٽ ٿي رهيا آهن جڏهن ته هر سال 40 هزار عورتون ڇاتي جي ڪينسر سبب فوت ٿي رهيون آهن. ماهرن موجب ڇاتي ۾ محسوس ٿيندڙ هر ڳوڙهو ڪينسر جي علامت ناهي هوندو پر سور نه ڪرڻ وارو ڳوڙهو ڇاتي جي سرطان جي نشاني ٿي سگھي ٿو. ڊاڪٽرن موجب عورتون بروقت جاچ لاءِ سال ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڀيرو ميموگرافي ٽيسٽ ضرور ڪرائن. پاڪستان ۾ عورتون عام طور تي ٻئين يا ٽئين درجي تي بيماري جي علاج لاءِ اسپتال جو رخ ڪنديون آهن. واضح رهي ته ڇاتي جو ڪينسر واحد اهڙو ڪينسر آهي جنهن جو ترت پتولڳائي سگھجي ٿو ڇاڪاڻ جو ان جي نشاني ٻاهرين جسم تي ظاهر ٿيڻ لڳندي آهي. اهي عورتون جنهن جي شادي 40 سالن جي عمر تائين ناهي ٿي سگھندي جن وٽ شادي کانپوءِ اولاد ناهي ٿيندي انهن ۾ بريسٽ ڪينسر جو گھڻو خطرو هوندو آهي.ان کانسواءِ جيڪي مائرون پنهنجي ٻارن کي کير ناهن پيارينديون انهن ۾ به بريسٽ ڪينسر جو خطرو وڌيڪ هوندو آهي. ان حوالي سان ماهرن جو چوڻ آهي ته مائرون گھٽ ۾ گھٽ 2 سالن تائين ٻارن کي پنهنجو کير لازمي طور پيارين.ڪينسر جي علامت ۾ ڇاتي يا بغل ۾ ڳوڙهي ٿيڻ، وزن ۾ گھٽ وڌ ٿيڻ، سوڄ۽ چمڙي ڳاڙهي ٿيڻ شامل آهي. بريسٽ ڪينسر هڪ موت مار بيماري آهي تنهنڪري جيڪڏهن خاندارن ۾ ڪنهن کي پهرين اها بيماري هجي ته خطرو وڌي سگهي ٿو.سموري ملڪ ۾ عورتون ۽ ڇوڪرين ۾ ڇاتي جي سرطان جي شرح ۾ خطرناڪ حد تائين واڌ ٿي رهي آهي. هر نون (9) عورتن مان هڪ عورت کي ڇاتي جي ڪينسر ۾ مبتلا هئڻ جو خدشو موجود آهي.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *