ڪراچي (هه آ) ): اطلاعات، قانون ۽ اينٽي ڪرپشن بابت صلاحڪار بيريسٽر مرتضٰي وهاب چيو آهي ته پاڪستان لاءِ پر ڏيهي امداد ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي ٻڌائي رهي آهي ته ملڪ جي معيشيت جي صورتحال خراب ٿي چڪي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ پنهنجي آفيس ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪئي. هن چيو ته ناڻي جي مٽا سٽا وارن ذخيرن ۾ ڏينهون ڏينهن خطرناڪ گهٽتائي جو گراف بجيٽ تي اثرانداز ٿي رهيو آهي. جنهن ڪارڻ ناڻي تي دٻاءُ مسلسل وڌي رهيو آهي ۽ ملڪي خسارو پڻ وڌي رهيو آهي . هن وڌيڪ چيو ته تحريڪ انصاف جي ٽيم جا ماهر به انهي صورتحال جو اشارو ڏئي رهيا آهن ته قرضن جو حجم ڏينهنون ڏينهن وڌي رهيو آهي جيڪڏهن انهي صورت حال تي ضابطو نه آندو ويو ته ناڻي جو ديواليو ٿيڻ جو خدشو آهي. هن چيو ته تحريڪ انصاف جي حڪومت حڪمت عملي کانسواءِ چوڌاري جنگ وڙهي رهي آهي جنهن ۾ معيشيت ۽ اقتصاديات وارو معاملو کين نه پيو سنڀلجين، جڏهن ته ٻئي طرف پنهنجن خيالن کي مٽائڻ لاءِ سياسي مخالفين کي نشانو بڻائي رهيا آهن. ان وڌيڪ چيو ته پنهنجي نا اهلي جو ڍير ٻين تي اڇلائڻ سان ڇا انهن جون مشڪلاتون گهٽجي وينديون؛ سياسي ۽ جمهوري بصيرت کان لاچار وزيراعظم ۽ کين وزيرن واري ٽيم پنهنجن بيانن سان پاڪستان جي جمهوريت ۽ تشخص جي نفي ڪري رهيا آهن. هن چيو ته شعور ۽ عقل کان بيوس حڪمران پاڪستان جي مثبت سوچ ۽ پاڪستاني عوام جي تصديق ڪري رهيا آهن .